سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 2

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 2

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 2

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-2 (ڪتاب): ’سنڌي لوڪ ادب رٿا‘ هيٺ سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي هن ٻئي جلد جو مرتب پڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. هن جلد ۾ ’بادشاهن، وزيرن ۽ سوداگرن جون ڳالهيون‘ شامل آهن. هي ڪتاب لوڪ ادب سلسلي جو ٻاويهون ڪتاب آهي، ان جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو. سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏئي، ڊسمبر 1959ع ۾ ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو ۽ مارچ 1962ع ۾ مسودي جي آخرين تصحيح ڪري، پريس ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني وئي، ۽ ڪتاب جو پهريون ڇاپو فبروري 1963ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين کي مرڪزي خيال جي لحاظ کان هيٺينءَ ريت ورڇيو ويو:
• همتون ۽ ڪشالا (ڪهاڻي: 1، 2، 12، 14، 27، 30 ۽ 31)
• تڪڙ ڪم شيطان جو (ڪهاڻي: 3 ۽ 4)
• وعدي خلافيءَ جي سزا (ڪهاڻي 5)
ڏند ڪٿا (ڪهاڻي نمبر 6)
• نصيحت ڪهاڻي (ڪهاڻي 7، 11، 26، 34، 38)
• مرد جو عقل (ڪهاڻي: 10، 17، 19، 20، 22، 28، 33، 37)
• عورت جو عقل (ڪهاڻي: 8، 18، 25، 32)
• ڀاڳ ۽ نڀاڳ (ڪهاڻي نمبر 9، 29)
• خيرات جي برڪت (ڪهاڻي نمبر 13)
• بيوقوفي (ڪهاڻي نمبر 35، 36)
هنن ڪهاڻين جي سٽا پهرئين جلد ۾ شامل ڪهاڻين جهڙي آهي. انساني ڪردارن ۾ بادشاهه، شهزادا، شهزاديون، امير، وزير، سوداگر ۽ عام ماڻهو آهن. غيبي ڪردارن ۾ ديو، جن ۽ پريون اچي وڃن ٿا. ان کان سواءِ ڪن ڪهاڻين جا ڪردار جادوگرياڻيون ۽ راڪاس آهن، جتي غيبي ڪردار پنهنجن ڪمن ۾ مصروف آهن، اُتي انساني طاقتون به پنهنجي ڀرپور سگهه سان موجود آهن. ٻنهي مان سوڀ انهن جي ٿئي ٿي، جيڪي حق تي آهن. نيڪي ۽ بديءَ جي اها جنگ ان وقت کان هلندڙ آهي، جڏهن انسان ۾ شعور- غور ۽ ويچار جو مادو پيدا ٿيو.
هن جلد ۾ جملي 37 ڪهاڻيون شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 240 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ، فبروري 1963ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جڏهن ته ٻيو ڇاپو ڊسمبر 1977ع، ٽيون ڇاپو آگسٽ 1987ع، چوٿون ڇاپو ڊسمبر 1993ع، چوٿون ڇاپو آگسٽ 2000ع، پنجون ڇاپو جنوري 2004ع، ڇهون ڇاپو اپريل 2004ع، ستون ڇاپو مئي 2004ع ۽ اٺون ڇاپو مارچ 2007ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب جي آخري ڇاپي جي قيمت 90 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو